رشيد چارڻ

رشيد چارڻ

رشيد چارڻ

رشيد چارڻ: سنڌ جو ناميارو مزاحيه اداڪار عبدالرشيد ولد شفيع محمد چارڻ، 27 فبروري 1953ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. هن پنهنجي فن جي شروعات 1971ع ڌاري اسٽيج تي مزاحيه اداڪاريءَ سان ڪئي. هي سنڌ ۾ اسٽيج ڊرامي جو اهم مزاحيه اداڪار آهي. سندس پهريون ناٽڪ ’ظلم جو انجام‘ هو. هن علمي ادبي حلقن ۾ ’ون مين‘ شو ڪري مزاح ۾ جدت ڪئي. 300 کان وڌيڪ ’ون مين شو‘ مزاحيه پروگرام ڪيائين. هن 200 کان وڌيڪ اسٽيج ناٽڪ ڪيا آهن. ان کانسواءِ پي. ٽي. وي ڪراچي ۽ ڪوئيٽا سينٽرن تي به فن جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي. هن سئنيما تي هلندڙ بليڪ اينڊ وائيٽ ۽ رنگين فلمن جهڙوڪ: ’پلاند‘ ۽ ‘حيدر خان‘ ۾ به اداڪاري ڪئي آهي. هن سنڌي ٽي. وي ڊرامن جهڙوڪ: ’انتظار گاهه‘، ’اڃايل اکين جا خواب‘، ’هيلو ٽيسٽنگ‘، پاڻيءَ تي ليڪا‘، ’واريءَ جون واٽون‘، ’اڌورا ارمان‘، ’خزاني جي تلاش‘، ’اڌورا انسان‘، ’اوهان جو خط پهتو‘، ’پٿر دنيا‘، ’انڌير نگريءَ‘، ’چاچو چڪر ۾‘ ۽ ’ٽهڪن مٿان ٽهڪ‘ ۾ ڪم ڪيو آهي. ان سميت هيءُ مزاحيه اداڪار هئڻ سان گڏ ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر به رهيو آهي. کيس فني خدمتن جي اعتراف طور سترهن کان وڌيڪ اوارڊ ۽ 30 کان وڌيڪ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. ٽي. وي چئنل تي پهريون ڀيرو باگڙيءَ جي ڪردار ۽ انهن جي لهجي کي متعارف ڪرائڻ جو اعزاز به هن کي ئي حاصل آهي.


لفظ رشيد چارڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.02.27  عيسوي

سنڌ جو ناميارو مزاحيه اداڪار عبدالرشيد ولد شفيع محمد چارڻ، 27 فبروري 1953ع تي دادو شهر ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خير محمد کيڙو
پرتاب مينگهراج پرسواڻي
دادي ليلاوتي هرچنداڻي
اُستاد فدا حسين خان
تورپيو مسڻ
اي آر بلوچ
انورهڪڙو
محمد اسماعيل جان روشن ٽکڙائي
ڄام مهڙ نوتيار
آنند مٽائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون